چندر ڪوپ

چندر ڪوپ: چندر ڪوپ پهاڙ اصل سامونڊي مٽيءَ جو ڍير آهي، جيڪو هنگول نديءَ لڳ، بلوچستان ۾ هنگول نديءَ کان پندرهن ميل ۽ سمنڊ جي ڪناري کان ٻن ميلن جي پنڌ تي موجود آهي، هي پهاڙ پري کان ڏاڍو سهڻو ڏيک ڏيندو آهي، هي مخروطي شڪل جو هيٺان گولائي ۾ ويڪرو پوءِ مٿي سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو، جيڪو چوٽي تي وڃي تقريباً پنجٽيهه فوٽ قطر ٺاهي ٿو، چندر ڪوپ پڪي چيڪي مٽي جو آهي، مٿائنس ڄڻ مٽي جو ليپو ٿيل آهي، جن هنڌن تي تازو لاوا وهڻ ڪري ڊگها اڇا پٽا ٺهيل آهن، اهي رنگبرنگي پٽا، ان جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا، ماهرن جي خيال موجب مڪران جو هي جابلو سلسلو ’ميسوزوئڪ‘ دور جو آهي، ميسوزوئڪ دور ستن ڪروڙن سالن کان وٺي 2 ارب 30 ڪروڙ سالن تائين هو، اوائلي دور ۾ هتي ’تيٿا‘ سمنڊ هوندو هو، هي جبل جي پليٽن جي پوئتي هٽڻ ڪري ٺهيا آهن، جن ۾ ڪجهه جوالا مکي جبل به شامل آهن، هي چندر ڪوپ به آهستي وهندڙ آتش فشان جو هڪ قسم آهي، هن جي منهن ’ڪريٽر‘ مان شامل ڪاري رنگ جي گپ وهندي رهي ٿي، اها لاوا ڪاربن ۽ سلفر جي ملاوت ڪري ٺهي ٿي، جنهن کي فرما رول چيو ويندو آهي، چندر ڪوپ جو ذڪر علي احمد بروهيءَ هن ريت ڪيو آهي ته اهو ’ڀيڪناٿ‘ سڏجي ٿو. اها شڪتي گپ جي ٻڙڪن سان پنهنجو اظهار ڪري ٿي، ان ماڳ تي ياتري ’آس‘ واري ريت ادا ڪندا آهن، جنهن ۾ هر هڪ ياتري مٽيءَ جي دڙي تي چڙهي اڳواڻ جي مهنداريءَ ۾ هنگلاج ياترا ۽ خير سان واپسيءَ جي دعا گهرندا آهن ۽ هڪ ناريل گپ ۾ اُڇليندا آهن. چندرڪوپ سري رامچندر سان به منسوب آهي


لفظ چندر ڪوپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو